خاصخيلي محمد ابراهيم

خاصخيلي، محمد ابراهيم: ناليوارو فنڪار محمد ابراهيم ولد اڱارو خان خاصخيلي تعلقي ڪوٽڙيءَ ۾ ڄائو. هن کي ننڍي هوندي کان ئي ساز آواز سان بيحد دلچسپي هئي، هر هفتي جمعي جي رات نٿو شاهه بخاريءَ جي درگاهه تي راڳ ڳائيندو هو. سندس استاد سنڌ جو مشهور راڳي استاد محمد يوسف هو، جنهن کيس پنهنجي شاگرديءَ ۾ راڳ سيکاريو. هن وقت تائين سندس 100 کن ڪيسٽون مختلف ڪمپنين رڪارڊ ڪيون آهن، ان کانسواءِ ريڊيو ۽ ٽي وي تي به پروگرام ڪندو رهي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو